خواجه غلام حسين ملنگ

خواجه غلام حسين ملنگ: سنڌ جو مشهور مرثيي گو شاعر خواجه غلام حسين ملنگ 1904ع ڌاري اباڻي ڳوٺ نندي شهر، ضلعي بدين ۾ جنم ورتو. پنج درجا سنڌي پڙهي ڳوٺ جي هڪ مولوي صاحب وٽ فارسيءَ جي تعليم ورتائين،سندس والد سيٺ غلام علي پنهنجي وقت جو سٺو واپاري هو، ان ڪري پاڻ به اهو ڌنڌو اختيار ڪيائين. لاڙ ۾ سڀ کان پهرين جن چئن ماڻهن سر آغا خان جي بيعت ٽوڙي اسماعيلي عقيدي کي ڇڏيو، تن مان سيٺ غلام حسين هڪ هو. ان کانپوءِ هنن اثنا عشري عقيدو اختيار ڪيو، هن وقت لاڙ ۾ اثنا عشري عقيدي واري سموري خواجه برادري هنن چئن بزرگن جو اولاد آهي. خواجه غلام حسين تي هنن سرگرمين جو گهڻو اثر پيو ۽ اهل بيت سان عقيدت جي اظهار ۾ هن پاڻ کي ملنگ مشهور ڪيو. پاڻ 1928ع کان شاعري ڪيائين، شاعريءَ ۾ مداحون، نعتون، سلام، نوحا ۽ مرثيا گهڻي انداز ۾ چيا اٿس، سندس آواز ۾ گهڻو سوز هو. سهرا ۽ ڳيچ لاڙ پاسي ڪافي مقبول آهن. غلام حسين ملنگ جي وفات 1953ع ۾ ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو